زندگي جو سفر تون ۽ مان

زندگي جو سفر تون ۽ مان

زندگي جو سفر تون ۽ مان

زندگي جو سفر تون ۽ مان (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري نوجوان ڪهاڻيڪار ضراب حيدر جو آتم ڪٿائي ناول آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي زندگيءَ جي سفر جو سربستو احوال ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ پنهنجي ذاتي زندگي توڙي ادبي سفر ۾ آيل ڪيترن ئي ڳالهين تان پردو کنيو آهي. ليکڪ جي هيءَ ڪٿا/ ناول پنهنجي اسلوب توڙي ٻوليءَ جي حوالي سان منفرد آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري اديب فياض چند ڪليريءَ لکيو آهي ۽ بئڪ ٽائيٽل يوسف سنڌيءَ جو لکيل آهي. 176 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي ڪچي جلد جي قيمت 150 ۽ پڪي جلد جي قيمت 200 روپيا آهي، جنهن کي سچائي اشاعت گهر دڙي 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب 2006ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ پاران بهترين نثر جو اوارڊ ۽ اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد طرفان ’شاهه لطيف اوارڊحاصل ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو